پارسي ٻولي

پارسي (Parsi) (ٻولي ):پارسي هڪ ٻولي آهي. هيءَ ٻولي هزار کن سال اڳ ۾ ايران کان هندستان آئي. هيءَ ايران ۽ افغانستان جي دري ٻوليءَ وانگر آهي. پر ايران ۾ ڳالهائي ويندڙ فارسيءَ ٻوليءَ کان ٿورو الڳ آهي. هندستان جي مهاراشٽر، گجرات رياستن کان سواءِ پاڪستان آسٽريليا، بنگلاديش، جرمني، هانگ ڪانگ، آفريڪا، ايران، افغانستان، چين، آمريڪا وغيره ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. سال 2000 جي رپورٽ موجب هن جا 15334 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. جڏهن ته ڪل ڳالهائيندڙن جو تعداد 326341 آهي. هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني، ٻولين جي شاخ مان آهي ۽ فارسي خط ۾ لکي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي ڪن جي چوڻ موجب هزار سال ته ڪن جي چوڻ موجب 13 سؤ سال اڳ هتي پهتي. پر هيءَ ٻولي ان کان به اڳ پهتل هئي جو سنڌ جو وڏو حصو قبل از مسيح ايرانين جي قبضي ۾ رهيو آهي. پارسيءَ کي پنهنجو خط آهي، پر پاڙهجي ڪانه ٿي.


لفظ پارسي ٻوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو